ترڪيب بند

ترڪيب بند: اهو نظم جنهن ۾ غزل يا قصيدي جهڙا گهٽ ۾ گهٽ پنج ۽ وڌ ۾ وڌ يارهن شعر مطلع سان گڏ هجن ۽ آخر ۾ هڪ ٻيو اهڙو هم قافيه بيت هجي، جنهن جو قافيو مٿين شعرن کان مختلف هجي ۽ ساڳيءَ طرح هر بند جي آخر ۾ مختلف بيت هجي ته اهڙي مجموعي کي ترڪيب بند چئبو آهي. مثال: يا الاهي مومنن کي شاد ڪر، هن غلاميءَ مان ڪڍي آزاد ڪري. آڻ گلشن ۾ وري تازي بهار، لطف سان سارو چمن آباد ڪر. ٿي پوي پرزا قفس فرياد ٻڌ، عندليبن کان پري صياد ڪر. /هاڻي اسان توکي وساريو آهه پر، <تون مگر پنهنجن بندن کي ياد ڪر. ڇا ٻڌايان درد دل جو داستان، تو اڳيان آهي حقيقت سڀ عيان. (نظامي)


لفظ ترڪيب بندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو